ڊي جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراميٽڪ ڪلب

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراميٽڪ ڪلب: 1894ع ۾ سنڌ ۾ پهرين”ناٽڪ منڊلي“ ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي. هن جي زيرِ نگرانيءَ 1916ع تائين مستقل ڊراما پيش ٿيندا رهيا. هن ڪلب ۾ مرزا قليچ بيگ ڄيٺانند ڪلن داس، ديوان ليلارام ۽ شيواسنگ اجواڻي جهڙن ڊراما نگارن جا تصنيف يا تاليف ڪيل ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيا. هيءَ ڪلب ويهن سالن تائين ڪراچيءَ ۾ سنڌي ثقافت ۽ تمدن جو پرچار ڪندي رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو